برسلز(م ڊ) يورپي يونين ۾ فيڪ نيوز تي ڪم ڪندڙ اداري اي يو ڊس انفو ليب جي نئين رپورٽ بيڊ سورس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڀارتي نيوز ايجنسي ايشين نيوز انٽرنيشنل اي اين آءِ پاڪستان بابت خبرن ۾ انهن صحافين ۽ تنظيمن جو حوالو ڏيندي آهي جن جو وجود ئي نه هوندو آهي. اهي نيٽ ورڪ اي اين آءِ دهلي جو سريواستو گروپ هلائيندو آهي جيڪو 15 سالن کان پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ۾ ملوث آهي. اين جي اوز وسيلي گڏيل قومن ۽ يو اين ايچ سي آر  پاڪستان خلاف جعلي مظاهرا ڪرايا ويندا آهن. انهن نامعلوم ليکڪن کي 19 جعلي ڪانفرنسز، 200 کان وڌيڪ تجزين ۽ 500 کان وڌيڪ آرٽيڪلز ۾ حوالي طور استعمال ڪيو ويو. اداري 7 سالن ۾ 300 کان وڌيڪ رپورٽون، بلاگ ۽ ڪهاڻيون جعلي شايع ڪيون.