اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن ڀارت جي ڪوڙي فليگ آپريشن منصوبي جو پتو لڳائي ورتو. ڀارتي جي جمهوريه ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينا دراندازي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس ذريعي ڪارروائي جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. پاڪستاني انٽيليجنس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ڪردارن جو پتو به لڳائي ورتو آهي، ڀارت جي 93 انفينٽري بريگيڊ جو ايجنٽ بشير ۽ ٻه ساٿي عالم ۽ اسلم فالس فليگ آپريشن جا مک ڪردار آهن. بشير جو مقامي ماڻهن ذريعي جشڪوال، آزاد ڪشمير پاسي کان آءِ اي ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جو پلان آهي،  ڀارتي منصوبي تحت مسجد ڀرسان ان ڪارروائي کي ناڪام بڻائيندي ڏيکاريو ويندو. منصوبي تحت ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي به ظاهر ڪندي. واضح رهي ته ڀارت جو جمهوري ڏهاڙو 26 جنوري تي ملهايو ويندو.