دبئي/لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي سيڪريٽري ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل (اي سي سي) جي سربراهه جئي شاه چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪندي. ڀارتي ميڊيا رپورٽب ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بي سي سي آءِ جو سيڪريٽري ۽ اي سي سي جو سربراه جئي شاه اعلان ڪيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستان نه ايندي. ڀارتي گهرو وزير امت شاه جي پٽ جئي شاه پاڪستان کان ايشيا ڪپ جي ميزباني کسيندي ايونٽ نيوٽرل هنڌ تي کيڏڻ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته ڀارتي بورڊ جي 36 هين اجلاس ۾ ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ جي حوالي سان بحث ٿيڻو هو. هوڏانهن ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پاڪستان نه اچڻ جي معاملي تي پي سي بي مختلف آپشنز تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت جي نه اچڻ جي فيصلي تي پي سي بي ورلڊ ڪپ 2023ع به نه کيڏڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب لاهور ۾ پي سي بي ٿنڪ ٽينڪ جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ جو معاملو غور هيٺ آهي. ذريعن موجب پي سي بي مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل کان الڳ ٿيڻ سميت ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي 50 اوورز ورلڊ ڪپ 2023ع به نه کيڏڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.