رانچي (شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ڪرڪيٽ کانپوءِ هاڻي فلمي دنيا ۾ به قدم رکندي پنهنجي پهرين پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر فلم انڊسٽري ۾ قدم ته رکيو آهي پر اهو فلمن ۾ اداڪاري نه سيڙپڪاري ڪندو. مهنيدرا سنگهه ڌوني  2019ع  ۾ هڪ ڏکڻ ڀارتي پروڊڪشن هائوس “ڌوني انٽرٽينمنٽ” جو بنياد رکيو هو.  سندس پروڊڪشن هائوس جي بئنر هيٺ مختلف ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون ويون آهن جن ۾ دي هڊين هندو، رور آف دي لائن ۽ بليز آف گلوري شامل آهن پر هاڻي هو تامل فلم انڊسٽري ۾ پروڊيوسر طور ڊيبيو ڪندو. گذريل ڏينهن ڌوني پنهنجي پروڊڪشن هائوس ۾ پهرين تامل فلم “ليٽس گيٽ ميريڊ” جو اعلان ڪيو آهي. اعلانيل فلم رومانوي ڊرامي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ رميش ٿامل مين ڊائريڪٽر جا فرض انجام ڏيندو، فلم تامل اداڪار هريش ڪلياڻ ۽ اداڪارا لوانا مک ڪردار ۾ نظر ايندا، فلم جي ٻي ڪاسٽ جي حوالي  سان في الحال تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.