ڪيرالا(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي ڇوڪر پنهنجي عام رڪشا کي لگزري رڪشا۾ تبديل ڪري ڇڏيو. رڪشا ڊرائيور ڇوڪر رڪشا جي ڇت کي آٽوميٽڪ ڪري ان کي لگزري رڪشا ۾ تبديل ڪيو. ڊرائيور جو تعلق ڀارتي رياست ڪيرالا سان آهي. جنهن جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڊرائيور رڪشا ۾ جديد فيچر لڳائي ان کي لگزري رڪشا ۾ تبديل ڪيو آهي. آٽو رڪشا ڪيرالا نالي اڪائوٽ تان انسٽا گرام تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڊرائيور کي پنهنجي گلابي رڪشا جون خوبيون ٻڌائيندي ڏسي سگھجي ٿو. آٽو جي ڇت بٽن دٻائڻ سان پوئتي هٽي وڃي ٿي ۽ اڳتي ٿئي ٿي. رڪشا جي سيٽن کي به لگزري سيٽن ۾ گلابي رنگ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.انسٽا گرام تي هن وڊيو کي 1 ملين ويوز ملي چڪا آهن. جنهن تي واهپيدارن دلچسپ تبصرا به ڪيا. هڪ لکيو ته هي آٽو جو رولز رائيس آهي. ٻئي لکيو ته هي  لگزري ڪار ته آئون به خريد ڪري سگھان ٿو.