ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان کي عالمي برادري ۽ فيٽف جي نوٽيس ۾ آندو ويندو: پاڪستان

0
255

ڪراچي(م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جو بيان فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) ۾ پاڪستان مخالف منفي ڪردار تي اسان جي موقف جي ترديد آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جار ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر ڀارت جي اصل حقيقت ڏيکاري ۽ پاڪستان جي خلاف فيٽف مامرو سيسي بڻائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پاڪستان هميشه دنيا کي ڀارت جي طرفان ايف اي ٽي ايف مامري کي سياسي بڻائڻ کان آگاهه ڪري رهيو آهي ۽ ڀرتي پرڏيهي وزير جي بيان فيٽف ۾ پاڪستان مخالف منفي ڪردار تي اسان جي مضبوط موقف جي ترديد آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان فيٽف جي ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ ۾ سنجيدگي سان قدم کڻي رهيو آهي پر ڀارت شرمناڪ اندار سان پاڪستان جي اڳڀرائي تي شڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان ڀارت جي طرفان حاليه اعترا کي به بين الاقوامي برادري ۽ فيٽف جي نوٽيس ۾ آڻيندو، پاڪستان مناسب ڪارروائي جي لاءِ فيٽف جي صدر سان رابطو ڪرڻ جي حوالي سان به غور ڪري رهيو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت جي فيٽف جي گڏيل گروپ جو ڪو چيئرم هجڻ جي حوالي سان به سوال پيدا ٿي ويا آهن، اسان فيٽف کان مطالبو ٿا ڪيون ته هو ان مامرن کي ڏسي، ترجمان جو چوڻ آهي ته فيٽف مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي فنانسنگ جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط قدمن کي هميشه ساراهيو آهي، پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جو ڀارتي شوق ڪڏهن به پورو نه ٿيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن پورو ٿيندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر هڪ تقريب ۾ چيو هو ته پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ رکڻ مودي حڪومت يقيني بڻايو، ڀارتي ڪوشش جي ڪري پاڪستان گري لسٽ ۾ آهي..