ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ومبلڊن ۾ شڪست بعد رٽائر

0
667
ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا

لنڊن(م ڊ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ومبلڊن ۾ آخري ميچ کيڏي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انسٽاگرام تي جذباتي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راند توهان کي گهڻو ڪجهه وٺي ويندي آهي، ذهني طور تي

جسماني طور تي ۽ جذباتي طور تي، هار ۽ جيت ڪلاڪن جي محنت ۽ هارائڻ بعد ڪيترين ئي راتين تائين ننڊ نه اچڻ ان جي بدلي ۾ جيڪو ڪجهه ملي ٿو اهو توهان کي ڪا ٻي نوڪري نه ٿي ڏئي سگهي، جنهن لاءِ آئون ٿورائتي آهيان

هن چيو ته لڙڪ ۽ خوشيون، ويڙهه ۽ جدوجهد اسان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي آخر ۾ اهو سڀ تمام خوبصورت ۽ قيمتي لڳي ٿو. ومبلڊن ۾ کيڏڻ ۽ پوين 20 سالن کان هتي کٽڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ثانيا مرزا کي آخري ومبلڊن جي مڪسڊ ڊبل ۾ سيمي فائنل شڪست ملي. هن ڪيريئر ۾ 6 گرينڊ سليم ٽائٽل کٽيا