نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ماءُ 99 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي. ڀارتي ميڊيا موجب هيرابين مودي گجرات جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جتي گذريل رات سندس طبعيت بگڙي وئي، ڊاڪٽرن ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هوءَ نه بچي سگهي. نريندر مودي ٽوئيٽر تي پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته ماءُ جي هڪ ڳالهه سدائين ياد رهندي ته ذهانت کان ڪم وٺو ۽ زندگي پاڪيزگي سان گذاريو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي هم منصب جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ جي وڃائڻ کان وڏو نقصان ڪو نه آهي. شهباز شريف چيو ته آئون ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.