راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) ڀارتي فوج جي اعليٰ آفيسر طرفان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي بيان کي ڀارتي پروپئگنڊا قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم ۽ هر قسم جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اعليٰ ڀارتي فوجي آفيسر جو بيان بي بنياد آهي، آزاد ڪشمير ۾ نالي ماتر دهشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ ڪوڙي آهي ۽ اهو بيان ڀارتي فوج جي پروپئگنڊا واري سوچ کي ظاهر ڪري  ٿو. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حقن جي جدوجهد کي چٿڻ ۾ مصروف آهي ۽ هٿين خالي ڪشميرين خلاف انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا بي بنياد بيان ڏيندي آهي.