نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي آرمي جو چيتو هيليڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پائليٽ اجل جو شڪار ٿي ويا. ڀارتي ميڊيا موجب هيليڪاپٽر جو صبح 9 لڳي 15 منٽن تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ هيليڪاپٽر جي ڳولا شروع ڪئي وئي هئي پر پوءِ خبر پئي ته اهو ارونا چل پرديش جي علائقي بوم دلا ۾ منڊلا هلز ڀرستان پاڻي ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته حادثي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار 2 پائليٽ اجل جو شڪار ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ ليفٽيننٽ ڪرنل وي وي بي ريڊي ۽ ميجر جيانٿ جي نالن سان ٿي آهي.