ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي: سجل علي

0
1201

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره سجل علي چيو آهي ته ڀارتي فلم(مام) ۾ ڪم ڪري تمام گهڻي شهرت ملي. جڏهن ته هاڻ ٻئي ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر هجڻ باوجود ڪم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب سجل علي چيو آهي ته ٽي وي فنڪارن جي بحال ٿيندي ئي بحران ۾ ٻڏل فلم انڊسٽري کي هڪ نئين زندگي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ فلمسازن ۽ هدايتڪارن جون ڪاوشون تعريف جوڳيون آهن. جن جي فلمن ۾ ڪم ڪري احساس ٿيو ته هو پروفيشنل ازم تي يقين رکن ٿا.اداڪاره وڌيڪ چيو ته جيستائين ڪشميرين سان ڀارتي حڪومت جو ظلم ختم نٿو ٿئي تيستائين پاڪستاني فنڪار ڀارتي فلمن ۾ ڪم نه ڪندا. ياد رهي ته ڪالهه پاڪستاني هدايتڪار ۽ پروڊيوسرن پاران پاڪستاني اداڪاره سجل علي ۽ احد رضا مير تي  فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.