ڀارتي فلمن مان متاثر ٿي 100 کان وڌيڪ عورتن کان ڪروڙين روپيا ڦريندڙ جوابدار گرفتار

0
196
ڀارتي فلمن مان متاثر
ڀارتي فلمن مان متاثر ٿي 100 کان وڌيڪ عورتن کان ڪروڙين روپيا ڦريندڙ جوابدار گرفتار

ڀارت جي شھر پوني ۾ 100 کان وڌيڪ عورتن کان ڪروڙين ڀارتي روپيا ڦريندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي رياست مھاراشٽرا جي شھر پوني ۾ پوليس ھڪ ايھڙي جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي جنھن ھڪ نھ ٻھ نھ 100  کان وڌيڪ عورتن کي ڦريو آھي.

رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ڀارتي شھر چنئي جي رھائشي پريم راج نالي جوابدار امير طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن کي شادي جو ڏٽو ڏئي ڦريندو ھو.

رپورٽس موجب پوني پوليس ھڪ متاثر عورت جي درخواست تي ڄار وڇائي جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، جوابدار متاثر خاتون کان جعلي شادي ڪئي ۽ پاڻ کي ريلوي جو ٺيڪيدار ڄاڻائي لکين روپيا ڦريا ۽ پوءِ فرار ٿي ويو ھو.

رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ عورت جوابدار کي وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي بھاني چنئي  کان پوي گھرايو جتي ايئرپورٽ کان نڪريندي ئي پوليس انھيءَ کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن تھ جوابدار کان 7 موبائيل فون، 13 سم ڪارڊ ۽ 4 اي ٽي ايم ڪارڊن سميت ٻيو سامان بھ ھٿ ڪيو ويو آھي.

پوليس موجب تفتيش دوران جوابدار اعتراف ڪيو آھي تھ بالي ووڊ فلم ”ليڊيز ورسز رڪي بھل“ کان متاثڙ ٿي 100 کان وڌيڪ عورتن کان ڪروڙين رپيا ڦريا آھن.

پوليس جوابدار جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي سامھون اچڻ ۽ تحيقيقات ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي آھي.