ڀارتي شخص زال کي ڀڄائيندڙ جي گهر واريءَ سان شادي ڪري ورتي

0
1136
ڀارتي شخص زال کي ڀڄائيندڙ

بهار(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ محبت ۽ انتقام جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ شخص گهر واريءَ جي دوکي کانپوءِ انتقام لاءِ گهر واريءَ جي نئين مڙس جي پهرين گهر واريءَ سان شادي ڪري ورتي

ڀارتي ميڊيا موجب اهڙو عجيب ۽ غريب واقعو ڀارت جي شهر کگريا ۾ پيش آيو، هارديا ڳوٺ جي رهواسي نيرج نالي شخص روبي سان 2009ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ ٻنهي کي 4 ٻار پيدا ٿيا

روبي 2022ع ۾ مڪيش ڪمار سنگهه نالي شخص سان ناجائز لاڳاپا قائم ڪري ورتا ۽ ان شخص سان گڏ فرار ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب مڪيش جي به اها ٻي شادي هئي، مڪيش جي پهرين گهر واري جو به نالو روبي ديوي هو، هن کي به مڪيشن مان 2 ٻار هئا

نيرج مڪيش کان بدلو وٺڻ خاطر مڪيش جي پهرين گهر واريءَ سان رابطو ڪيو ۽ ٻنهي پنجائت طلب ڪري ورتي، پنجائت  فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بعد ۾ نيرج ۽ روبي ديوي به شادي ڪري ورتي