ممبي (شوبز نيوز) ڀارت جي نالي واري شاعر جاويد اختر جو پٽ اداڪار فرحان اختر هاڻي هالي ووڊ ۾ به نظر ايندو، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب فرحان اختر هالي ووڊ سائنس فڪشن سپر هيرو فلمز ٺاهيندڙ اداري مارول اسٽوڊيو سان گڏ هڪ پراجيڪٽ سائن ڪئي آهي جڏهن ته اداڪار هن وقت فلم جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل ڪاسٽ ۽ عملي سان گڏ ٿاءِ لينڊ جي گادي واري شهر بينڪاڪ ۾ موجود آهي.