ڀارتي اداڪار ارجن رامپال به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو

0
353

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ارجن رامپال به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪندي ارجن رامپال پنهنجي مداحن کي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جو اطلاع ڏنو، هن جو چوڻ آهي ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي، پر مون ۾ ڪي به علامتون نه آهن، پوءِ به پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو، مان گهر ۾ قرنطينه ۾ آهيان ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري رهيو آهيان، هن چيو آهي ته جيڪي ماڻهو گذريل 10 ڏينهن کان مون سان رابطي ۾ رهيا آهن اهي به پنهنجو ٽيسٽ ڪرائن ۽ احتياط ڪن..