ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: سجادالرحمان پنهور)  ڪوٽڙي جي ڊي سي آفيس ڀرسان ڪچري جي ڍير تي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل نوجوان 20 سالا الله بخش کوکر جو مڙھ ايمبولينس ذريعي ڦلجي اسٽيشن آندو ويو، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. نوجوان جي جنازي جي نماز ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي اباڻي ڳوٺ دڙي خير محمد جي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو. سندس چاچي ڌڻي بخش کوکر ٻڌايو ته ڀائيٽيو پورهيت هو، گذريل رات گم ٿيڻ کانپوء صبح جو سندس بم ڌماڪي ۾ مارجڻ جي اطلاع سان گڏ سندس لاش مليو آهي۔  هن چيو ته منهنجي ڀائيٽئي جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو نه آھي اسين غريب مسڪين پورهيت آھيون، جوڊيشنل انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڪوٽڙي ۾ ڌماڪي ۾ مارجي ويل مبينا بمبار جي پيءُ بابت معلوم ٿيو آهي ته مري ويل نوجوان جو پيءُ ايس ايس آء مولا بخش کوکر ٽن ڏينهن کان موڪل تي پنهنجي ڳوٺ ڦلجي ۾ هو.