ڀائيچاري جو عالمي ڏينھن

0
162
ڀائيچاري جو عالمي ڏينھن

ھرسال فيبروري مھيني جي چوٿين ڏينھن کي “ڀائيچاري جوعالمي ڏينھن”ڪري ملھايو ويندوآھي. ان روايت جوآغازسن۲۰۲۱ع کان ٿيوآھي. ان سلسلي جوپھريون ڏينھن ابوظھبيءَ ۾ ملھايو ويو ھو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ايڪويھين ڊسمبر سن ۲۰۲۰ع  تي ھڪ قرارداد وسيلي اھو ڏينھن ملھائڻ جي منظوري ڏني ھئي.

ھن سال سن۲۰۲۳ع جو عنوان آھي “ٻين جي روايتن ۽ مذھبن جو آڌر ڪندي سماج ۾ مضبوط ڀائيچاري ۽ ھم آھنگيءَ جو قيام”

                 اڄوڪي ڏينھن ملھائڻ جو بنيادي مقصد آھي ثقافتن، روايتن، ڌرمن ۽ مذھبن بابت آگاھي ۽ برداشت پيدا ڪرڻ جيئن ھر فرد آزاديءَ سان پنھنجي زندگي گذاري سگهي ۽ سماج جو بنيادي رويو “سيڪيولر” ھجي.

                 شھريت جي علم ۾ ڀائيچاري مان مراد شھرين ۾ ھڪ ٻئي کي رنگ، نسل، زبان، ڌرم، مذھب ۽ ثقافت کان ماورا گڏيل سماجي، سياسي، معاشي ۽ انساني مقصدن لاءِ گڏ ٿيڻ آھي.

ڀائيچاري جو عالمي ڏينھن ملھائڻ جا بنيادي نقطا:

ھڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ

ھڪ ٻئي جي زبان، روايتن ۽ ثقافتي قدرن کان آگاھي

ڀائيچاري جي اھميت کان آگاھي.

انساني ڀائيچاري جو ڏينھن ملھائڻ جي افاديت:

نفرت جو پيار سان مقابلو ڪرڻ.

سماج جي مختلف پرتن ۾ ھڪ جھڙايون، گڏيل مفاد، گڏيل منزل ڳولڻ.

سرمائيداريءَ جي پيدا ڪيل مذھبي منافرت مان جند ڇڏائڻ.

سيڪيولر سماج جو قيام جنھن ۾ مذھب فرد جي ذاتي پسند، ناپسند ھجي.

اچو ته اڄ انھي ڀائيچاري جي عالمي ڏينھن تي سنڌ ۾ صدين کان موجود مختلف ٻولين جيڪي ھاڻ اقليتي ٻوليون ٿي ويون آھن، انھن ٻولين ۽ لاڳاپيل ثقافتن کي نه رڳو کلي دل سان تسليم ڪريون پر انھن مادري ٻولين کي بنيادي پرائمري نصاب ۾ پنجين درجي تائين پڙھائڻ جو ذريعو بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪريون.