ميروخان : جونيئر ذوالفقار ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو ڳوٺ سر شاهنواز ڀٽو ۾ پنهنجي پڙ ڏاڏي سر شاهنواز ڀٽو جي نالي سان منصوب سر شاهنواز ڀٽو اسڪول پهتا جيڪو زبون حالي سبب ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي.  3 سال اڳ فاطمه ڀٽو بند پيل اسڪول جي تصوير ڪڍي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي رکي لکيو هو ته هي منهنجي پڙ ڏاڏي سرشاهنواز ڀٽو جي نالي سان منصوب بوائز اسڪول آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي. هن حڪومت کان اسڪول جي مرمت ۽ تدريسي عمل شروع ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو هو جنهن بعد ان وقت جي تعليم کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيسرن هنگامي بنيادن تي اسڪول جا دورا ڪيا هئا پر اهي دورا صرف دورا ئي رهجي ويا جونيئر ذوالفقار ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو هن وقت به ڳوٺ جي سرشاهنواز ڀٽو بوائز اسڪول کي بند پيل ڏسي ڳوٺاڻن ۽ هارين کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ٻارڙن کي لازمي تعليم ڏيارين.