ٽنڊوباگو (ن پ ا) فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ٽنڊوباگو جي اڳوڻي تعلقي ناظم حامد علي شاھ راشدي سندس ننڍي ڀاءُ عابد علي شاھ راشدي پاران پ پ شموليت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي حامد علي شاھ راشدي چيو ته آئون روضي ڌڻي جو مريد آھيان ۽ منهنجو تعلق صرف فنڪشنل مسلم ليگ سان آهي، منھنجو ڀاءُ عابد علي شاھ پيپلزپارٽي ۾ وڃڻ وارو سياسي فيصلو پاڻ ڪيو آهي، ان سان منھنجو ڪوبه تعلق ناھي، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منھنجي خلاف اجائي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي ته آئون به پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، مون ھميشه فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت ۽ سياست ڪئي آھي ۽ ڪندو رھندس.