ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر، مٺي ۾ پارو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويو، موسميات کاتي موجب سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن شهرن بدين  ۾ 5.5، ٺٽي ۾ 8 ۽ ڪراچي ۾ پد  6.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 6.5، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه  ۾ 4.5، دادو ۾ 4 ۽ خيرپور ۾ پارو 3.7  ڊگرين تي پهتل هو، موسميات کاتي موجب گرمي پد ڪجهه ڏينهن اڪي انگ ۾ رهندو، 23 جنوري تي بلوچستان ۾ برساتي سلسلو  پهچڻ بعد ٿڌ ۾ ويتر واڌ ايندي