نيو يارڪ (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ پروگرام جي پروڊيوسر جوڙي 30 سيڪنڊن ۾ وڌيڪ سوئيٽر پهري گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. چينل اي بي سي جي ٽاڪ شو ميزبان ڪيلي ريپا ۽ ريان سي ڪريسٽ ويجهڙ ۾ ئي هڪ براڊ ڪاسٽ دوران 30 سيڪنڊن ۾ وڌيڪ سوئيٽر پهرڻ جو رڪارڊ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي (هڪ شخص سوئيٽر پهريا ۽ ٻئي سوئيٽر پهرڻ ۾ مدد ڪئي) پر 4 ڀيرا ڪوشش ڪرڻ باوجود 8 سوئيٽر پهرڻ جو گذريل رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيا. پروگرام جو اهڙو حصو ختم ٿيڻ کانپوءِ پروڊيسر ڪيلي ريپا ۽ ريان سي رڪارڊ جوڙڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ڪوشش جو فيصلو ڪيو، جنهن دوران قسمت هنن جو ساٿ ڏنو ۽ سيٽ تي موجود گينيز ورلڊ رڪارڊ جي نمائندن جين شيلي ۽ جِم نيلبر ان جي اهڙي ڪوشش کي قبول ڪندي تصديق ڪئي ته ٻنهي پروڊيوسرن 30 سيڪنڊن جي وقت ۾ 9 سوئيٽر پهري رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.