ٿر ۾ 2021ع دوران غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي 625 ٻارڙا فوت

0
252
ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ

مٺي (رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن تان موت ٽارو نه ڪيو، سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو، ٿرپارڪر ۾ 2021ع دوران 625 ٻارڙ فوت ٿي ويا، سال 2021ع جي ڊسمبر واري مهيني ۾ رڳو 60 ٻارڙن دم ڏنو

ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي قابو پائڻ لاءِ سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي سميت مقامي ضلع انتظاميه ڪوبه تحرڪ نه ورتو، جڏهن غذائي کوٽ جي خاتمي لاء سنڌ سرڪار جي ڪروڙين روپين واري مختلف اين جي اوز مليل پروجيڪٽس به ٻوٽو نه ٻاريو.