ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت

0
178
ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ

مٺي (ن پ ا) ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي فوتگين وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ 6 ٻارڙن دم ڏئي ڇڏيو

مٺي جي سول اسپتال ۾ 6 ٻارڙن ۾ ست مهينن جو نياز ولد محمد، چار مهينن خان محمد ولد عيدل چانڊيو، ٽي مهينن جو جيوت ولد سومار، 45 ڏينهن جي عرفانه ڌي نثرالله ۽ نارائڻ جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن

ضلعي اندر وڌيڪ 6 ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ھلندڙ مھيني فوتي ٻارن جو انگ وڌي 62 ٿي ويو، جڏهن ته سهولتن جي کوٽ پڻ برقرار آهي ۽ 70 ٻارڙن جو پڻ  علاج پڻ جاري آهي