مٺي (رپورٽر) مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، فوتين ۾ جاويد، ڀيرو، ورجانگ، ٽيڪم ميگھواڙ ۽ جمون ڀيل جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 42 ۽ هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 627 ٿي ويو آھي، هوڏانهن مٺي سول اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ 90 کان وڌيڪ ٻارڙا زير علاج آهن، جتي سهولتن جي اڻاٺ ٻڌائي پئي وڃي،