ٿر ۾ خودڪشين جا وڌندڙ واقعا، انھن جا سبب ۽حل 

0
222
ڪرپشن جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جا ادارا

لفظ “خودڪشي” جو مطلب سماج جي اڻ برابرين ۽ ستم ظريفين خلاف احتجاج ڪري پنهنجو پاڻ کي مارڻ آهي.دنيا ۾ خودڪشين جي پنهنجي ھڪ تاريخ رھي آهي دنيا جي مختلف خطن ۾ جتي به خودڪشيون ٿين ٿيون انهن ۾ گهڻي ڀاڱي ساڳيا سماجي مسئلا ھوندا آهن. سنڌ جو وارياسو خطو ٿرسماجي تاڃي پيٽي جي حوالي سان پنهنجي ثقافتي ريتن رسمن ۽راڄ ڀاڳ جي روايتن ۾ امين رھندو پيو اچي.

پر انھي ٿر ۾ ھاڻي ھر روز خودڪشي جا واقعا  ٿي رھيا آهن.ٿر ۾ ھر ٻئي يا چوٿين ڏينهن ڪونه ڪو خودڪشي جو واقعو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندو رھيو آهي.ھاڻي ته ٿر ۾ اجتماعي خودڪشين جا واقعا پڻ پيش اچي رھيا آهن جن انساني ضمير کي جنجھوڙي ڇڏيو آهي.  گذريل مھيني 8سيپٽمبر  تي ڇاڇري ڀر سان ڳوٺ دونٻاڙو ۾ دل کي ڌوڏيندڙ ھڪ اجتماعي خودڪشي جو واقعو پيش آيو ھو، جنهن ۾ ھڪ 27 سالن جي پورھيت نوجوان نول راءِ پنهنجي ٽن معصوم ٻارن سميت کوھه ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪيو ھو.

چيو پيو وڃي ته ھن غربت سبب اجتماعي خودڪشي ڪئي. ھن وٽ ٻچن کي کارائڻ لاءِ ڪجھه ڪونه ھو ان ڪري ھن غربت، بک، تنگ دستي سبب خودڪشي ڪئي. اھڙي نوعيت جي خودڪشي جو ھڪ ٻيو واقعو   چمبڙ ڀرسان پيش آيو ھو جنھن ۾ ٿر مان  پورھئي  لاءِ ويل ڪولھي برداري جي ٽن فردن غربت سبب خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي.  ھي ٻئي اجتماعي خودڪشي جاواقعا انتھائي ڏکوئيندڙ آهن، جڏهن غربت سبب ماڻهن جي جيئڻ جا سڀ گس بند ٿي وڃن تڏهن ماڻهوَ ھن قسم جا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو.

جيڪڏهن گذريل پنجن سالن دوران سنڌ ۾ خودڪشين جي ڪيسن جوجائزو وٺجي ٿو تڏھن خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ گذريل پنجن سالن دوران 1300 ماڻھن خودڪشيون  ڪيون آهن، انھي ۾ 646 ماڻهن جو تعلق ميرپورخاص ڊويزن سان آهي. انھن ۾ گھڻيون خودڪشيون ٿر ۾ ٿيون آهن .ڏٺو وڃي ته ٿر ۾ جتي مختلف سماجي مسئلا خود ڪشي ڪرڻ جو مک ڪارڻ بڻيل آهن ته اتي غربت، معاشي حالتن جي تنگ دستي، سماجي اڻ برابري، اڻ سھپ، گھريلو اڻبڻت ننڍي عمر ۾ شاديون ٿيڻ، قرضن جو دٻاءَ،  وڏيرڪي راڄ جو ڏاڍ ڏھڪاءَ ۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا سماجي مسئلا آهن جيڪي خودڪشي ڪرڻ جو اصل سبب آهن. ٿر ۾ھن سال 10مھينن دوران 200 ماڻهن جي خودڪشي جاواقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

جڏهن ته گذريل سال 2020 ع ۾ 104 ماڻهن جي خودڪشين جا واقعا ميڊيا رپورٽ ٿيا آهن. اھڙي ريت 22مھينن ۾ ٿر ۾ مجموعي طور تي304 ماڻهن خودڪشيون ڪيون آهن .ھن سال اپريل مئي ۽ سيپٽمبر  جي مھينن ۾ٿر ۾ خودڪشي جا وڌ۾ وڌ واقعا رپورٽ ٿيا آهن.گهڻي ڀاڱي انهن خودڪشين جي واقعن ۾ مختلف ڪارڻ ٻڌايا وڃن ٿا پر ٽي مھينا اڳ سنڌ مينٽل اٿارٽي جي سربراھي ۾صحت کاتي سنڌ ۽ ٿر فائونڊيشن ۽ ٻين ادارن جي سھڪار سان ملڪ جي ناليوارن دماغي  بيمارين جي ماھرن ۽ نفسيات جو علاج ڪندڙ ادارن سان واڳيل ماڻهن پاران ٿر ۾ گذريل سال انهن خودڪشين تي تيار ڪيل (ٺاھيل) ھڪ تحقيقي رپورٽ منظر عام تي آئي ھئي.

انھي گڏيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته ٿر ۾ گذريل سال جيڪي به خودڪشيون ٿيون آهن انھن ۾ 60 سيڪڙو ننڍي عمر جا نوجوان شامل آهن (انهن جي عمر 10 کان 30 سالن جي وچ واري آهي ) جڏهن ته خودڪشي  ڪندڙن ۾ 45 سيڪڙو عورتون شامل آهن (انھن عورتن ۾ 60 سيڪڙو گھريلو عورتون شامل ھيون ).گذريل سال جن ماڻهن خودڪشيون ڪيون انھن ۾ 24 سيڪڙو ماڻهن جي دماغي حالت ٺيڪ نه ھئي جڏهن ته 48 سيڪڙو ماڻهن جي خودڪشي کي اتفاقي قرار ڏنو ويو آهي.52 سيڪڙو ماڻهن پاران خودڪشين جي اڳواٽ رٿابندي ڪئي وئي ھئي .

مجموعي طور تي گذريل سال ٿر ۾ جيڪي خودڪشيون ٿيون انهن ۾ 9 سيڪڙو ماڻهن قرضن جي دٻاءَ سبب خودڪشيون ڪيون. جڏهن ته خودڪشي ڪندڙن مان 40 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق گھٽ آمدني رکندڙ غير ھنري پورھيت طبقي ياھيٺئين طبقي(غريب طبقي) سان ھو.خودڪشي ڪندڙن مان45 سيڪڙو عورتون ۽ 15 سيڪڙو مرد اھڙا ھئا جن جي ڪابه تعليم حاصل ٿيل نه ھئي. انھن خودڪشين جي 60 سيڪڙو نوجوانن ۾ 36 سيڪڙو  ڪيس اھڙا سامھون آيا آهن جن جي عمر 21 کان30 سالن جي وچ واري آهي.گذريل سال جي خودڪشين جي انھي تحقيقي رپورٽ ۾  جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن اھي ڏاڍا ڇرڪائيندڙ آهن .

ٿر ۾ ٿيندڙ انھن خودڪشين جي واقعن جو گهڻي ڀاڱي سبب نفسياتي صحت(ذھني بيماريون) ڄاڻايو ويو آهي پر جيڪڏهن ٿر ۾ وڌندڙ خودڪشين جي واقعن تي سماجي معاشي پھلوئن جي روشني۾ ڏسون ته اسان کي ڪافي اھڙاٻيا پڻ سبب نظر ايندا جيڪي ميڊيا ۾ رپورٽ نٿا ٿين يا دٻايا وڃن ٿا. ٿر۾ خودڪشين جي انھن واقعن پويان ڪٿي ڪٿي قتل جا پيرا پڻ ملن ٿا گھڻي ڀاڱي اھي ڪيس اتفاقي قرارڏئي دٻايا وڃن ٿا .ٿر ۾ گذريل 22 مھينن دوران جيڪي واقعا پيش آيا آهن انهن ۾  خودڪشي جا ڪجهه اھڙا ڪيس پڻ سامھون آيا آھن جيڪي ٿر جي “راڄ ڀاڳ ”جي حوالي سان انتھائي ڏکوئيندڙ واقعا تصور ڪيا وڃن ٿا. گذريل سال جي انھي تحقيقي رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته 9 سيڪڙو ماڻهن قرضن جي دٻاءَ سبب خودڪشيون ڪيون آهن انھي پھلو تي پڻ غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

درحقيقت ٿر جو ماڻهو معاشي حالتن جي “پنجوڙ” ۾ ڦاتل آهي. ٿر جي ماڻهن جو معاشي وسيلو“ڌڻ”آهي يا وري ٿر ۾ جڏهن برساتون پونديون آهن تڏهن اھي ماڻھو ٻنيون پوکيندا آهن. پر جڏهن ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي تڏھن اھي ماڻھو تنگ معاشي حالتن سبب بئنڪن ۽ ٻين مائڪرو ڪريڊٽ جي ادارن کان قرض کڻندا آهن. ٿر ۾ ايندڙ ھر ٽين چوٿين سال ڏڪار سبب ماڻهو  معاشي حوالي سان ڪمزور ٿي ويندو آهي انھي ڪري ھو وقت سر  پنهنجو قرض ڏئي نه سگھندو آهي. مختلف اين جي اوز پاران قرض نه  ڏيڻ جي صورت ۾ ماڻهن سان تذليل ٿيڻ جا واقعا پڻ ٿيندا رھيا آهن اھڙي حالتن ۾ڪجهه ماڻهو  ذھني دٻاءَ سبب خودڪشي وارو قدم  کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا.

انھي تحقيقي رپورٽ ۾ 36 سيڪڙو اھڙن نوجوانن جي خودڪشي جا واقعا سامهون آيا جن جي عمر 21سالن کان36 سالن جي وچ واري آهي. ممڪن آهي انھن نوجوانن معاشي حالتن جي تنگ دستي يا بک بيروزگاري سبب خودڪشي ڪئي ھجي. گذريل مھيني ڇاڇري ڀرسان دونٻاڙي ۾  اجتماعي خودڪشي جي ڏکوئيندڙ واقعي ۽ چمبڙ ڀرسان ڪولھي برداري جي اجتماعي خودڪشي  جي واقعن پويان اصل سبب معاشي تنگ دستي ۽ غربت آهي.مجموعي طور تي ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشي جي واقعن ٿر جي ان دکدائڪ تصوير کي منظر عام تي آندو آهي جيڪا تصوير ٿر جي غربت جي آهي جيڪا تصوير ٿر جي سماجي مسئلن۽ محرومين جي آهي.

ٿر جي اڪثر آبادي غربت ۽ ٻين سماجي مسئلن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي انھي ڪري ھتي “ذھني صحت” جا مسئلا جنم وٺن ٿا. ذھني بيمارين سبب سماج ۾ احساس محرومي ذھني دٻاءَ ۽ اڻ سھپ وڌڻ   فطري آهي انھي ڪري ھتي خودڪشي جا واقعا رونما ٿين ٿا. انھي کان علاوه ٿر ۾ وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ  واري پھلو کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.ٿر ۾ وڏيرن جي ڏاڍ ڏھڪاءَ واري عمل ٿر جي راڄ ڀاڳ تي منفي اثر ڇڏيا آهن.ٿر ۾ راڄ ڀاڳ جون اھي شاندار روايتون ھاڻي ختم ٿينديون پيون وڃن جن روايتن جي آڌار تي ڳوٺن جي“ ننگن ۽ دنگن” جو تحفظ ڪيو ويندو ھو. ھاڻي ته ٿر جو سماج سماجي ڀڃ ڊاھ جو شڪار بڻيل آهي.

گذريل سال جي انھي تحقيقي رپورٽ موجب ٿر ۾ خودڪشيون ڪندڙن مان 45 سيڪڙو عورتون ۽ 15 سيڪڙو مرد اھڙا ھئا جن جي ڪا به تعليم حاصل ٿيل نه ھئي انھي جو مطلب اھو ٿيو ته ٿر ۾ تعليم جو وڏوفقدان آهي جنھن سبب ماڻهن ۾ awareness جي کوٽ آهي.بنيادي سوال اھو آهي ٿر ۾پيش ايندڙ ھن قسم جي خودڪشي جي واقعن کي ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟ ڇا انھي لاءِ اسان وٽ ڪو سگھارو لائحه عمل آهي؟ انھي حقيقت کان انڪار ڪونھي ته “ذھني بيماريون” خودڪشي ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ آهي پر انھن ذھني بيمارين پويان اصل سب سماجي مسئلا ۽ معاشي مسئلا آهن.

انھي جو حل وري رياست وٽ آهي .جيڪڏهن ٿر جي ماڻهن کي بنيادي سھولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن ماڻهن جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ روزگار جا موقعا فراھم ڪري ڏنا وڃن ته يقينن ماڻهو ذھني بيمارين جو شڪار نه ٿين . انھي تحقيقي رپورٽ کي سامھون رکي ٿر ۾  خودڪشي جي وڌندڙ  واقعن کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت آهي .خاص طور تي ٿر ۾ وڌندڙ آپگھات جي اصل سببن تي ويچارڻ ۽ سماج ۾ awareness  پيدا ڪرڻ ۽سماجي شعور کي اڀارڻ جي ضرورت آهي.

سماجي شعوراڀارڻ لاءِ تعليم جو ھجڻ لازمي آهي انھي ڪري ٿر ۾ تعليم عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿر سماجي۽ تھذيبي حوالي سان ھڪ شاھوڪار rich خطو آھي،انھي خطي جي demography کي پڻ سامهون رکيو وڃي ۽ اتي جي سماجي تاڃي پيٽي تي وڌيڪ مطالعي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ھن تحقيقي رپورٽ کي بنياد بڻائي  ٿر ۾ خودڪشي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙي سگهجي ٿو.خودڪشي کي ڏوهه قرار ڏئي پاڪستان پئنل ڪوڊ 325 ۾ ترميم ڪري خودڪشي جا واقعا روڪڻ لاءِ “سوسائيڊ پريوينشن ايڪٽ” نالي نئون قانون متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي.