ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ٿر جي مختلف علائقن ۾ نانگن جو آزار وڌي ويو، 8 ڄڻا ڪکجي زخمي، اسپتال داخل، خبر موجب ٿر جي مختلف ڳوٺن عمر انڙ، کاريو حبيب، ستيڏيرا ۽ ڀرپاسي نانگ نڪري آيا، جن 8 ڄڻن کي ڪکي زخمي ڪري وڌو، زخمين ۾ 30 سالن جو منهر، 25 سالن جو آچار، حاجياڻي، امينت، حسن، نبي بخش، اڪرم، علي نواز، لاڏان ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي ڇاڇرو اسپتال داخل ڪيو ويو، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته علائقي ۾ بلائن جو آزار وڌي ويو آهي.