ٿر ۾ ايڪتا جا رنگ: اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، ڳوٺاڻن پاران مچ ڪچهري

0
267
ٿر ۾ ايڪتا جا رنگ: اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، ڳوٺاڻن پاران مچ ڪچهري
ٿر ۾ ايڪتا جا رنگ: اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، ڳوٺاڻن پاران مچ ڪچهري

ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو شهر جي هريجن ڪالوني جي گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري لورس اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين، استادن منظور گجو، ساجن ميگهواڙ، راج ڪمار، موهن، ڪشور ميگهواڙ ٻيا ثقافتي ويس پهري شريڪ ٿيا

تقريب ۾ ٿر جي عورتن جو تيار ڪيل هٿ جو هنر پڻ ڏيکاريو ويو ۽ ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي تي کوهه تان پاڻي ڀرڻ جو درد به ڏيکاريو ويو، شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز ۾ لسي ولوڙڻ سميت ٻيا ثقافتي رنگ پيش ڪيا، شهرين، سماجي اڳواڻن ۽ استادن خطاب ڪندي چيو ته 4 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيو

هوڏانهن ٿر جي ڳوٺ اوڏاڻي ۾ ڳوٺاڻن نجيب الله، قربان علي، گورنر ڏوهٽ ۽ ٻين پاران راڳ رنگ جي محفل ۽ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جتي سگهڙن، شاعرن چنيسر ڏوهٽ، ايوب مڏو پاران شاعري ۽ ڳجهارتون پيش ڪيون ويو، جڏهن ته مقامي فنڪارن گلزار فقير ۽ ٻين پاران گيت پيش ڪيا ويا

ھي به پڙھندا

ايڪتا ڏهاڙي جي آمد کان 2 ڏينهن اڳ ئي سنڌ ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي وئي