ڪراچي: سنڌ ڪابينا ٿرڪول کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ نبي سر کان پاڻي لائين وڇائڻ لاءِ 19 ارب رپين جي لاڳت واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهو منصوبو ڪويت جي هڪ سرڪاري ڪمپني سان پبلڪ پارٽنر شپ تحت مڪمل ڪيو ويندو و، 36 ڪيوسڪ پاڻي پائپ لائين ذريعي ٿرڪول فيلڊ پهچايو ويندو، اجلاس آبپاشي کاتي جي بريفنگ بعد منظوري ڏئي ڇڏي، آبپاشي کاتو پبلڪ پارٽنرشپ تحت رٿا شروع ڪرڻ سرڪار کي لکت ۾ خط به لکندو.