ٿر وسڪارو۽ڪارونجھر سانوڻي ميلو

0
243
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

 ھيل ٿر تي زبردست مندائتا مينهن وٺا آهن .وقت تي چوماسي مند جون برساتون وسڻ ڪري ٿر ۾ وسڪاري جا خوبصورت رنگ پڻ نکري پيا آهن. ھن سال چوماسي مند ۾جولاءِ مھيني ۽ آگسٽ جي ٻن ھفتن۾ ٿر جي تقريبن ھر ڳوٺ واھڻ وستي ۾تمام سٺيون برساتون پيون آهن .اھو سلسلو اڃان به جاري آهي انھي ڪري ميگھه ملھاري مند ۾ ٿر ھاڻي گھمڻ جھڙو ٿي پيو آهي.ھاڻي ٿر جا ڳوٺ پڊ واھڻ وستيون سرسبزي جو ڏيک ڏيئي رھيون آهن ھاڻي ته ڪارونجھر  سميت ٿر جا سمورا پڊ گھمڻ جھڙا آهن. ڪارونجھر  ٿر جي فطري حسن ۽ اڏولتا جو اھڃاڻ پڻ آهي .ھن جبل جي دامن ۾ ڪيترائي مقدس ماڳ مڪان تيرٿ آستان ۽ جين ڌرم جا مندر پڻ موجود آهن ۽ ڪارونجھر جبل مان نديون پڻ نڪرن ٿيون. انھن ندين جو وھڪرو جبل جي حسناڪي کي تازگي بخشي ٿو .ھن جبل ۾ ناياب قسم جي جھنگلي جيوت پڻ رھي ٿي ھن ڪارونجھر ۾ روپلي ڪولھي جي وطن پرستي ۽ بھادري جا قصا پڻ ڳائجن ٿا ڪارونجھر ته اسان جي ٿر جي سونهن جو ساکي پڻ آهي ھن  ميگھه ملھاري مند ۾ ھن جبل جي فطري سونهن پڻ ڏسڻ وٽان ھوندي آهي.

ايئن ئي ھن سال وقت تي برساتون وسڻ سبب ڪارونجھر  سرسبز ٿي ويو آھي ۽ ڪارونجھر  جي آس پاس وارا پڊ  پڻ سرسبز ٿي ويا آهن. مٿان وري 3 ۽4 سيپٽمبر تي ھاڪڙو ادبي فورم پاران ڪارونجھر تي سانوڻي ميلو پڻ ملھايو پيو وڃي. ٿر جي سياحت ثقافت ۽ آرٽ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪارونجھر  تي ٻه روزه ميلو منفرد انداز سان لڳائڻ لاءِ تياريون ھلندڙ آهن .ھونئن ته اسان سڀ آرٽ فطرت سان محبت ڪرڻ وارا ماڻهوَ آھيون تخليق فطرت جي ڪک مان جنم وٺي ٿي ۽ زندگي جي ھنج ۾ پلجي پروان چڙهي ٿي. مينھوڳي مند ۾ مورن جا ٽھوڪا ٿر جي ڀٽن جون ٿڌڙيون راتيون وسڪاري جي آمد جا لوڪ گيت فطرت جي خوبصورت منظرن جو عڪاس آهن .ٿر جو تعارف رڳو ڏڪار بک بدحالي ڪونهي پر ٿر جو آرٽ rich آهي ٿر جي ثقافت جارنگ نرالا آهن ٿر جي موسيقي فطري رنگن ۽ سياحت جو ڪو مٽ ڪونهي انھي ڪري وقت جي تقاضا آهي ته اسان ٿر جي تعارف کي ھڪ نئين رخ ۾ وٺي وڃون ۽ٿر جي آرٽ  سياحت۽ ڪلچر کي دنيا آڏو نئين انداز سان پيش ڪيون انهيَ ڪري ڪارونجھر  سانوڻي ميلي جھڙيون مثبت سرگرميون ٿر جي آرٽ ثقافت ۽ سياحت کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ بھتر ثابت ٿي سگهن ٿيون. پر مون کي حيرت پڻ انھي ڳالھه جي ٿئي ٿي ته ڪجهھ دوستن سوشل ميڊيا تي ھن ميلي جي مخالفت پڻ ڪئي ھئي خبر ناھي ته انھن جي مخالفت ڪرڻ پويان اصل سبب ڪھڙا ھيا؟

ھونئن به اسان وٽ ھر چڱي ڪم جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي مطلب پاڻ ڪم ڪونه ڪنداسين ٻين کي ڪم  ڪرڻ ڪونه ڏينداسين پوءِ ايئن  ٿيندو آهي ته سوشل ميڊيا تي وٺ وٺان ھڪٻئي جا پٽڪا لاھڻ کان وٺي ذاتيات تائين لھي اچڻ اسان جي سوسائٽي جو ھڪ بھترين مشغلو رھيوآهي. اسان وٽ سوسائٽي ۾ ھڪڙا منفي ٽرينڊ موجود آهن جو ھر سٺي ڪم جي مخالفت ڪرڻ روايت بڻجي وئي آهي.ھر سٺي ڪم جي جڏهن شروعات ٿئي ٿي ته پوءِ ڪيئي الزام تراشيون سر تي کڻڻيون پون ٿيون.   اسان جي سول سوسائٽي پاران اھڙا ٽرينڊ متعارف ٿيا آهن

جنهن سان سماج ۾ اڻ سھپ وڌي ويئي آهي خاص طور تي ادبي لڏي ۾ ڄنڍاپٽ ڪلچر جو رجحان عروج تي آهي .ھڪٻئي کي برداشت نه ڪرڻ نظر انداز ڪرڻ ادبي رساڪشي۾ عھدن تي وڙهڻ ذاتيات تي لھي اچڻ سوشل ميڊيا تي ھڪٻئي کي ذليل ڪرڻ ھڪٻئي جاپٽڪا لاھڻ  ھڪ ٻئي سان ادبي دشمنيون پاڙڻ  مطلب ته اھي سڀ منفي رجحان سماجي انارڪي کي جنم ڏين ٿا. اھڙي ريت معاشري ۾ اڻ سھپ  وڌي وڃي ٿي ۽ پوءِ ڪو  چڱو  ماڻهوَ ڪنهن سٺي ڪم لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. نوجوانن کي نظر انداز ڪرڻ، ٺھڻ نه ٺھڻ واري ھن ڪلچر ۾ اسان جو نوجوان اڳتي اسري ناھي سگھيو. جيڪڏهن اسان جي سماج جا چڱا ڀلا پڙھيل لکيل ماڻهوَ ھڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي سگهھ نٿا رکي سگهن ۽ ذاتي اختلافن جي بنياد تي ھر مثبت ڪم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿين ته پوءِ آخر ڪار ھن سوسائٽي ۾ اھي ڪھڙا ماڻھو ايندا جيڪي  علم ادب آرٽ ۽ فن جي ڳالهه ڪندا؟

سو ھن قسم گھٽ ٻوسٽ ۽ اڻ سھپ  واري ماحول۾ جيڪڏهن  سانوڻي ميلي جي نالي سان ڪا مثبت سرگرمي ٿئي ٿي ته اھابھتر ڳالھه ھوندي ۽ اسان کي اھڙي سرگرمي جي ڀرپور  آجيان ڪرڻ گھرجي. آءُ ته ھن مثبت سرگرمي جو حامي آھيان اسان کي پنهنجي ذاتي اختلافن کان بالاتر ٿي ھر انهيَ ڪم جي آجيان ڪرڻ گھرجي جيڪو ڪم مثبت روايتن کي جنم ڏئي. چيو پيو وڃي ته ھاڪڙو ادبي فورم جا ھي دوست ھي سانوڻي ميلو پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳائي رھيا آهن.ممڪن آھي ته ايندڙ ڪجھه سالن ۾ گورنمينٽ ھن ميلي کي پنهنجو ڪري ۽ ممڪن آهي ته  ايندڙ سالن ۾ ھي ميلو سرڪاري سطح تي لڳايو وڃي. 3 ۽ 4 سيپٽمبر تي ڪارونجهر تي لڳندڙ سانوڻ ميلي۾ ڇا ھوندو؟ اھو ميلو ٻين ميلن کان ڪيئن منفرد ھوندو؟ انھي جا تفصيل ته ميلي جا منتظمين ٻڌائي سگھن ٿا پرمنهنجي خيال ۾ ھن ميلي ۾ جتي ڪارونجھر ۽ٿر جي سياحت جي ڳالھه ٿيندي اتي ٿر جي آرٽ موسيقي ۽ ھٿ جي ھنرن کي پروموٽ ڪرڻ جي ڳالهه پڻ ضرورٿيندي.

ٿر ۽ پارڪر ۾ آباد لوڪن جي رسمن، ھٿ جي ھنرن جھڙوڪ رڱاوت جي ھنر گج رلي ٺاھڻ  ٿرين جي رھڻي ڪھڻي  اوڍڻ پهرڻ ، مختلف  ثقافتي راندين ۽ لوڪ رقص راسوڙن جي ڳالهه پڻ ٿيندي. ھن ميلي ۾ڪارونجهر جبل جي ڳالھه نمايان ھوندي، فطرت جي حسين ۽ دل فريب ھن پھاڙي سلسلي کي سالن کان ٽڪي تباھه ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ٿي رھيون آهن انھي ڪارونجھر  جي سونهن اجاڙڻ وارين قوتن خلاف ۽ انھي ڪارونجھر جي تحفظ لاءِ ھن ميلي ۾ ڪا نه ڪا حڪمت عملي ضرور زير غور ايندي.ڪارونجھر  کي نيشنل پاڪ جو درجو ڏيارڻ ۽جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ کڄندڙ ھر قدم کي تحرڪ ۾  آڻڻ لاءِ ھي ميلو موزون ثابت ٿي سگھي ٿو.ڪمرشل بنيادن تي ٿر جي سياحت کي ڪيئن ھٿي وٺرائي سگهجي ٿي ۽ ملڪ جي سياحن جو ڌيان ٿر ڏانھن ڇڪرائڻ لاءِ ھي ميلو ضرور بھتر ثابت ٿيندو.  ادب آرٽ فن ۽ موسيقي جي حوالي سان ھن ميلي ۾ ٿر جي نئين نسل جي ٽئلينٽ کي اڀارڻ جي ضرورت پڻ آهي .

ٿر جي نئين نسل کي اسپيس گھرجي ھن ميلي ۾ علم ادب آرٽ فن موسيقي سياحت جي حوالي سان جيڪي سيشن ٿيندا انهيَ ۾ اجتماعي طور تي “ ٿر” کي  ھڪ نئين انداز سان متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ھن ميلي ۾ شرڪت لاءِ سموري سنڌ جو اھو “شعور” سنڀريل آهي جيڪو فطرت سان پيار ڪري ٿو جيڪو آرٽ ۽ موسيقي سان پيار ڪري ٿو. انھي ڪري اسان جيڪي آرٽ ۽ فطرت سان محبت ڪرڻ وارا ماڻهوَ آھيون اھي سانوڻي کي پنهنجو ميلو سمجهي شرڪت ڪنداسين جيڪڏهن مينهن مند ۾ توهان ڪارونجھر  گھمندو ته يقينن اوھان ٿر جي وسڪاري جا خوبصورت رنگ پسي سگھندئو ۽ ٽي چار سيپٽمبر تي  توهان سانوڻي ميلي ۾ پڻ لطف اندوز ٿيندئو. ٿر ۾ گھمڻ لاءِ نئون ڪوٽ جو قلعو مٺي جي گڍي واري ڀٽ، ڀالوا ( مارئي جو کوھه) گوڙي مندر،  ڀوڏيسر، ننگرپارڪر شھر ،ڪارونجھر جي ھنج ۾ آباد ساڙدڙو، گئو مکي، انچلاسر، گوڙدڙو ندي، ڀٽياڻي ندي مسڪين جھان خان ميوزم ۽ ٻيون پوائنٽون اھم آهن  جتي اسان وسڪاري جي رنگن کي خوب Enjoy ڪري سگهون ٿا. ھن وسڪاري جي مند۾ ٿر جون ڀاڄيون  جھڙوڪ کنڀيون، مريڙو، پپون،  ننڍا ڇانيا،  چڀڙپڻ مارڪيٽ ۾ موجود آهن اميد ته ھن ڀيري سياح ٿر جي وسڪاري ۾ ڀرپور لطف اندوز ٿيندا.