ٿر وسي بر وسي ڀل وسي ڪاڇو

0
237
ٿر وسي بر وسي ڀل وسي ڪاڇو

پرينءَ جو پاڇو سدا هجي پنھنجي سنڌ ۾

 

حقيقتن جيترو پاڪستان جي سياحت کي مون کي ننڍڙو تجربو آهي ان موجب پنجاب، ڪي پي، بلوچستان کان وڌيڪ سنڌ جي سياحت/ٽوئر جيترو اسان جي ٿر ۾ مزو آهي خاص ڪري برساتن جي موسم ۾ اهو ٽن صوبن کا وڌيڪ بهترين پنهنجائپ وارو ماحول ڄڻ پنهنجي جنم ڀومي شهر ۾ پئي گهمياسين ۽ وڏي ڳالهه هر شيءِ مناسب اگهه ۾ ملي ٿي وڃي ۽ هتان جي ماروئڙن جو معاشي نظام به بهتر پيو ٿئي ان ڪري سموري سنڌ جي سياحت/ٽوئرسٽ کي گذارش آهي ته ٿر گهمو تمام بهتر محسوس ڪندا پنهنجي ڌرتي آهي محبت ۽ امن وارو ماحول آهي هتان کان وڌيڪ اهڙو ماحو ٻئي هنڌ متان نه ملي ان ڪري جيڪي دوست نه آيا آهن اهي  ٿر هن وقت گهمي ڏسن بهترين موسم ۽ بهترين ماحول جو مزو ماڻيو. (ماجد حسين لاکو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

ٿر ۾ ميلا ڇو نھه لڳڻ گھرجن!؟

 

ننگر ۾ ڪجھه دوست سانوڻ ميلو پيا لڳائين، ڪي ان جي حمايت ۾ ته ڪجهه وري مخالفت پيا ڪن. ٿر ۾ لڳندڙ فيسٽيولز جي مخالفت اھو ڪو پھريون دفعو نه پئي ٿئي، گاڏين جي ريس ھجي يا ماروي جو ميلو، ٿر جا ڪافي دوست ان کي نيگيٽو انداز ۾ پيش ڪندا رھيا آھن، ھاڻ اھڙين تقريبن جي مخالفت ڄڻ فيشن يا وري ٿر جي ماڻھن سان ھمدردي وارو جذبو سمجھي ويندي آھي پر اصل ۾ اھڙا ڏھاڙا ٻين علائقن جي ماڻھن کي پاڻ طرف ڇڪڻ جو سبب بڻجن ٿا، جنھن سان مقامي ماڻھن جي روزگار جا وسيلا وڌيڪ سگھه وٺن ٿا، پر اسان وٽ سنڌ ۾ سياحت مان ڪمائڻ وارو تصور پنھنجا بنيادي ڏاڪا ئي عبور ناھي ڪري سگھيو. سو منھنجي خيال ۾ ھي سانوڻ ميلو ضرور لڳڻ گھرجي، انتظامي خاميون کوٽون به ٿينديون، انھن مان به سکبو. ميلي دوران نوجوانن ۽ سرندي وارن کي اتساھجي تھ اھي ٽينٽ گيسٽ ھائوس جوڙين، ريسٽورينٽ ٺاھي صاف سٿرو ۽ مناسب ريٽ وارو کاڌو مھيا ڪن، گيسٽ ھائوسز ۾ گرمي کان بچاءَ لاءَ اپاءُ ورتل ھجڻ گھرجن، ان کان علاوه ڪارونجھر جھڙي نيچرل ماحول کي  گند ڪچري، پلاسٽڪ جي ٿيلھين کان بچائڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي سان گڏجي ڊسٽ بنز جو بندوبست ڪجي، مختلف ماڳن ٽي پورٽ ايبل ٽوائليٽس ۽ باٿ رومز جو بندوبست ھجي. مقامي ماڻھن کي  گائيڊ طور ٽرينڊ ڪجي، جيڪي ڪارونجھر جا مختلف پاسا ماڻھن کي گھمائي ان بابت ڄاڻ ڏئي سگھن ۽ تجويزن وسيلي سموري ٿر ريگستان ۾ سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جامع پلان جوڙي سرڪار کان مطالبو ڪجي ته اھا ان ڏس ۾ قدم کڻي. ھن ميلي جو نالو ڇاڪاڻ تھ سانوڻ ميلو آھي، اھڙي ريت ٻين مناسب مندن ۾ به ٿرپارڪر سميت اڇڙي ٿر کان وٺي سکر ۽ گھوٽڪي جي روھي تائين اھڙا فيسٽيول سجائي سگھجن ٿا. (فيس بوڪ وال تان ورتل)

ٿر گهمڻ ضرور وڃو

 

سنڌيو، وسڪاري کان پوءِ ٿر سائي چادر اوڍي ڇڏي آھي، ٿر ۾ فطرت جا حسين منظر اوهان لئه منتظر آھن، هيل هڪ ڀيرو ٿر گهمڻ ضرور وڃو ته جيئن ٿر ٽوئرزم ۾ واڌارو اچي، ان جو معاشي فائدو ٿر جي ماروئڙن کي ٿيندو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)