حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٿرپارڪر ضلعي جي 40 يونين ڪاميٽين جون پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڊي آر او کي اليڪشن ڪميشن جي قانون مطابق معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ضلعي صدر دلاور مالڪاڻي وڪيل ميان تاج محمد ڪيريو معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ضلعي ۾ 64 کان وڌيڪ يونين ڪاميٽيون آهن جن مان 40 کان وڌيڪ يونين ڪاميٽين  جون اوچتو پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون ويون آهن. درخواست گذار موجب ته اليڪشن ڪميشن سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي چوڻ تي 2002ع کان قائم پولنگ اسٽيشنن کي تبديل ڪيو آهي جڏهن ته ڄاڻايل پولنگ اسٽيشنون 2013ع ۽ 2018ع ۾ به ساڳئي هنڌ تي هيون ان لاءِ عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته شروعاتي طور پولنگ اسٽيشنون تبديل ٿيڻ خلاف آر اوز ۽ ڊي آر او کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون ويون پر انهن به ڪو تحرڪ نه ورتو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي 22 اپريل 2022ع واري آرڊر تحت 2018ع جي اليڪشن دوران قائم پولنگ اسٽيشنن کي تبديل به نه ٿو ڪري سگهجي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ٿرپارڪر کي حڪم ڏنو ته درخواست گذارن جو معاملو اليڪشن ڪميشن جي قانون تحت فوري طور حل ڪيو وڃي.