ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي کي وڇڙي 35 سال وهامي ويا

0
405

نئون ڪوٽ(ن پ ا) ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي کي وڇڙي 35 سال گذري ويا، مائي ڀاڳي جا ڳايل گيت اڄ به لکين دلين تي راڄ ڪري رهيا آهن، مائي ڀاڳي جي 35 ورسي اڄ سادگي سان ملهائي پئي وڃي، ڪورونا وبا سبب گذريل سال کان مائي ڀاڳي جي ورسي تقريب نه ٿي سگهي آھي، مائي ڀاڳي جو پوٽو راڳي برڪت فقير جو چوڻ آهي ته هن سال اگسٽ مهيني ۾ حيدرآباد ۾ ورسي تقريب ٿيندي، جڏهن ته سنڌ سرڪار به مائي ڀاڳي کي ويساري ڇڏيو آهي.