مٺي/اسلام ڪوٽ (نمائندن وٽان) ٿر مان حبڪو، ٿل نووا پاور پروجيڪٽ تحت وڌيڪ 330 ميگاواٽ توانائي ڪاميابي سان نيشنل گرڊ سان ڳنڍي ٿرڪول مان بجلي جي ٽوٽل پيداوار 3000 ميگاواٽ جي لڳ ڀڳ ٿي وئي آهي. وزير مملڪت ڊاڪٽر مهيش ملاڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جنهن جي خانگي اڏام خراب موسم سبب منسوخ ڪئي وئي، جمعي تي 330 ميگاواٽ جي ٿر نووا منصوبي کي نيشنل پاور پلانٽ سان ڳنڍڻ لاءِ ڪنٽرول روم ۾ بٽڻ دٻائي افتتاح ڪيو، حبڪو گروپ جي سي اي او ڪامران ڪمال ۽ سي اي او ٿل نووا سليم الله ميمڻ صوبائي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي کي منصوبي بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪوششن کي ساراهيو، پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته مقامي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽجي ويندو، منصوبي جي افتتاح سان ٿرڪول مان بجلي جي پيداوار 3 هزار ميگا واٽ تائين وڌي وئي آهي، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان پاڪستان ۾ توانائي جو انقلاب اچي رهيو آهي، ٿر جي ذخيرن مان 200 سالن تائين هڪ لک ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ڪورونا سبب منصوبي ۾ دير ٿي، ٿرڪول سان حڪومت کي ٻارڻ جي درآمد تي 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي، وڏي وزير چيو ته ٿل نووا جهڙن پاور پلانٽس جي واڌ سان پاڪستان جي درآمدي آئل تي دارومدار گهٽائڻ ۾ وڏي مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ٿل نووا مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا سوين موقعا پڻ پيدا ڪيا آهن، وڏي وزير چيو ته ٿر ڪوئلي جي ذخيرن مان 200 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين 100000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان پاڪستان جي ترقي تي وڏو اثر پوندو، جنهن سان حڪومت کي آئل جي درآمد تي 6 ارب ڊالرن تائين جي بچت ٿيندي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿل نووا ٿر بلاڪ 2 ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ جي فيز 2 ذريعي ديسي ڪوئلي جو استعمال ڪندو ۽ ان سان ٿر ڪول بلاڪ 2 مان توانائيءَ جي قيمت 9 رپيا في ڪلو واٽ تائين ايندي.