ننگرپارڪر (ن پ ا) وائلڊ لائيف کاتي پاران ٿر گيم سينڪچريءَ ۾ قائم ڪيل چائنا ڪلي/ لوڻ فيڪٽري ۽ پيٽرول پمپ مالڪن خلاف داخل ڪرايل ايف او آر ۾ رڪارڊ غلطيون، مري ويل ماڻهن جا نالا به جوابدارن ۾ شامل، خبر موجب وائلڊ لائيف کاتي طرفان ننگرپارڪر جي چائنا ڪلي فيڪٽري، لوڻ فيڪٽري، پيٽرول پمپ ۽ هوٽل مالڪن خلاف داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل 25 جوابدارن ۾ ٽن فوت ٿيل فيڪٽري مالڪن قاضي عبدالقدوس راڄڙ، رسول بخش راڄڙ ۽ انور زيب کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي . جيلاني فيڪٽريءَ جي مالڪ بدران جوابدار طور جيلاني فيڪٽري ولد نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي وائلڊ لائيف جي گيم انسپيڪٽر اسد مري چيو ته اسان 2020 جي پاس ٿيل قانون موجب گيم سينڪچري ايريا کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي. گيم سينڪچريءَ ۾ ڪابه اڏاوت ڪرڻ غيرقانوني آهي. ٻئي طرف ننگرپارڪر جي ساڃاھ وندن ناشاد سمون، ساگر خاصخيلي، حنيف سمون، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين چيو ته گيم سينڪچري ايريا رڳو ننگرپارڪر ڪونهي پر علي بندر کان وٺي ننگرپارڪر تائين گيم سينڪچري ۽ رامسر سائيٽ قرار ڏنل آهي، تنهن ڪري صرف ننگر پارڪر ۾ ڪاروباري اڏاوتون ختم ڪرائڻ ناانصافي آهي. ان کان سواءِ هوٽل، چائنا ڪلي، لوڻ فيڪٽريون مقامي ماڻهن لاءَ روزگار جو وڏو ذريعو آهن. ان ڪري فيڪٽريون بند هرگز نه ٿيڻ گهرجن.