ننگرپارڪر (ن پ ا) ٿر جي فطري سونهن مور پکين ۾ پراسرار بيماري ڦهلجڻ سبب ڪيترائي مور مرڻ جا اطلاع آهن، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ ڀالوا ۾ مور پکين ۾ پراسرار بيماري ڦهلجي وئي آهي، جنهن ۾ 5 مور مرڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڪيترائي مور بيماري ۾ وٺجي ويا آهن، ڳوٺاڻن راجا ڀرت، ڇهنو مل، مائوجي، نيٻو ۽ ٻين ٻڌايو ته پراسرار بيماري ۾ مور پکين جا منهن سڄي وڃن ٿا ۽ اکين کان انڌا ٿي ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن ٿا، هنن ٻڌايو ته سياري جي موسم ۾ مور پکين ۾ بيماري منهن ڪڍندي آهي، هنن چيو ته مقامي ماڻهو مورن جو علاج ڪري رهيا آهن پر ان سان ڪو به فائدو نه پيو پئي، هنن ترت قدم کڻي ٿر جي سونهن کي بچائڻ جو مطالبو ڪيو.