ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ سمون رند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مور پکين ۾ بيماري پکڙجي وئي آهي، هڪ هفتي ۾ 15 کان وڌيڪ مور پکي مري ويا، جڏهن ته ڪيترائي مور بيماري ۾ ورتل آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن چيو ته اسان جهنگ کان بيمار مورن کي گهرن ۾ وٺي اچون ٿا، جنهن کي ٽوٽڪن ذريعي بچائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا پر نازڪ پکي صحتياب نٿا ٿين، ڪيترائي مور بيماري ۾ ورتل آهن، مور پکي آکين جي نور کان محروم ٿي وڃن جنهن بعد تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا،ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته  وائلڊلائيف کاتو معاملي جو نوٽيس وٺي مور پکين جو علاج ڪرائي.