ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٽن ڏينهن کان احتجاج ڪندڙ ٿر جي آر او پلانٽ آپريٽرن وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي جي خاطرين تي احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ قائم ڪيل آر او پلانٽس جا آپريٽر ٻن سالن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٽن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا هئا، ڪالهه هنن خاص معاون ويرجي ڪولهي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري مسئلن بابت آگاهي ڏني، ان موقعي  تي  خاص معاون ويرجي ڪولهي چيو ته اهي آر او پلانٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت  پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ وارو کاتو هلائي رهيو هو، بعد ۾ واٽر ڪميشن جي هدايتن تي معاهدو ختم ڪيو ويو هو، هاڻي  وري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو نئين ڪمپني سان معاهدو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ معاهدو ٿي ويندو، نئين ڪمپني اوهان کي ئي آپريٽر  طور مقرر ڪندي، اهڙي خاطري بعد احتجاج ڪندڙ ٿر واسين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.