ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ جي اجازت باوجود ايل سيز نه کلڻ سبب ٿر ڪوئلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب بجلي جي پيداوار بند  ٿيڻ جو خدشو، ان ڏس ۾ چيني ڪمپنين کان خريد ڪيل سامان ۽ پارٽس جي درآمد لاءِ ايل سيز جي منظوري ۾ مسلسل دير ٿيڻ سبب  ٿر ۾ هلندڙ 3 پاور پلانٽس کي 7.6 ملين ٽن ڪوئلي جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ملڪي معيشت تي هر مهيني 40 ملين ڊالر جو اضافي بار پوندو، جڏهن ته ڪوئلو نه ملڻ ڪري 3 پاور پلانٽس جي 2500 ميگا واٽ بجلي پيداوار متاثر ٿيندي، ذريعن موجب  چيني ڪمپنين کان خريد ڪيل سامان ڪراچي پورٽ تي پيل آهي، جنهن سبب ڏنڊ( ڊيميريج ) پڻ وڌي رهيو آهي،  جيتوڻيڪ اسٽيٽ بينڪ پاور سيڪٽر جي سامان جي ايل سيز تان پابندي ختم ڪئي وئي هئي، انهي   باوجود مختلف بينڪون ايل سي جي منظوري نه پيون ڏين، ان ڏس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني توانائي واري وزارت کي خط لکي چيو آهي ته توانائي واري وزارت پ اسٽيٽ بئنڪ کان ايل سيز جي منظوري کي يقيني بڻائي، ٿر ڪول پراجيڪٽ جي سامان جي درآمد لاءِ ايل سيز جي منظوري ۾ دير سبب ڪوئلي جي پيداوار رڪجڻ جو خطرو پڻ پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سان  بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو خدشو وڌي ويو آهي.