ڪراچي: ڪراچي ۾ ٿر جو تازيون کنڀيون پهچي ويون، ان ڏس ۾ ڪرا چي جي پوش وسندي ڪلفٽن ۽ سوامي نارائڻ مندر ۾ ٿر جون کنڀيون 300 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهن، کنڀيون وڪرو ڪندڙن موجب اهي روزانو عمرڪوٽ ۽ مٺي مان تازيون کنڀيون گهرائين ٿا، مٺي ۾ کين صاف ڪيل کنڀيون 200 رپيا ڪلو ملن ٿيون، 50 رپيا ڀاڙو خرچ ڪڍڻ بعد اهي کنڀيون 300 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن