ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾  پاڻي فراهمي لاءِ لڳل آر او پلانٽس جي آپريٽرن ٻن سالن جون رهيل پگهارون  نه ملڻ خلاف ڪالهه ڪراچي پهچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آر او پلانٽ آپريٽر الهه ورايو ۽ ٻين چيو ته ٿر ۾ 2008ع کان 750 کان وڌيڪ آر او پلانٽ لڳايا ويا، جن ذريعي ٿر واسي کاري  بدران مٺو پاڻي پيئندا هئا، سال 2019ع کان سنڌ حڪومت جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي انهن  آر او پلانٽن کي مختلف ٺيڪيدارن حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي سار سنڀال ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري خراب ٿي ويا، هن  وقت اڪثر آر او پلانٽ بند پيل آهي، جنهن سبب  ٿر واسي ٻيهر کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته  آر پلانٽن تي مقرر  آپريٽرن  جون  پڻ ٻن سالن کان پگهارون بند آهن هنن مطالبو ڪيو ته کين پگهارون ادا ڪري آر او پلانٽ فعال ڪيا وڃن.