ٿر بلاڪ ٽُو ۾ مقامي ڪوئلي مان 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ چوٿين پاور پلانٽ جو افتتاح

0
233
ٿر بلاڪ ٽُو ۾ مقامي ڪوئلي

مٺي: ٿر بلاڪ ٽُو  ۾ مقامي ڪوئلي مان 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ چوٿين پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي

وڏي وزير جي نه اچڻ سبب پيپلزپارٽي جي ايم اين اي  مهيش ملاڻي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

 وڏو وزير مراد علي شاهه موسم جي خرابي دوران فلائيٽ ڪينسل ٿيڻ سبب ٿر ڪول نه پهچي سگهيو

وڏي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته نئين پاور پلانٽ جي افتتاح سان ٿر ڪول مان بجلي جي پيداوار اٽڪل 3 هزار ميگاواٽ ٿي وئي آهي

هن وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان ملڪ ۾ توانائي جو انقلاب برپا ٿي رهيو آهي