ٿر اُداس آھي!

0
143
ٿر اُداس آھي!

 ٿر جُون اکيون اَبر رُت ۾ اوهيرا ڪري وٺيون آھن. گهنگهور ٽِڪور گهٽائن ۾ لڪيا نه رهندڙ مور ماٺا ٿي ڇِرڪ ڀري ڇُپي ويا آھن ۽ هرڻ سڀئي حيران آھن. هارين کان هر سنڀارڻ وسري ويا آھن، ڀتوارڻين جي مٿن تان ڀَتو ڪري پيو آھي. “آکو پايو، مِينهن وسايو” ڪندڙ معصوم ٻارن جي هٿن مان جهولي وڄُ جي ٺڪائن سبب ڇرڪ سان ڇڏائجي ويئي آھي. ڪارو ڪنڀارڙو واريون مِٺيون لوليون سناٽي ۾ سمائجي ويون آھن. “مينهن آيو مانڌو آيو، ڌرتي تانجو لاڏو آيو” جهڙا مينهن لاڏا ڳائي برسات کي ڀليڪار چوندڙ ٿر جا ڀولا ڀالا ٻارڙا کنوڻ جا هيبتناڪ ٺڪاءَ ٻُڌي، آخري پيهاڻيءَ ۾ اُڏايل تِتر وانگي ڦٿڪي رهيا آھن ۽ وٺي واڻي ٿر اُداس آھي. ٿر ان ڪري اُداس آھي، جو اُن جا ڇهه ڳڀرو ڀرئي وسڪاري جو کنوڻ جو کاڄ بڻجي ويا آھن. 29 مئي وارو اَڀاڳو ڏينهن ٿر کان ڪڏھن به نه وسرندو، ڇو ته ان ڏينهن ٿر جي ڇهن مائرن جُون هنجون خالي ٿي ويون هيون. فقير پاربرهم جي ميلي تي پيادل ويندڙ ياترين تي مٺيءَ ويجهو ڳوٺ ساتار وٽ کنوڻ ڪري پيئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه ڳڀرو ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. وسڪاري جي رُت ۾ اوچتو موت ماڻهن جا حواس خطا ڪري ڇڏيا آھن. اڳي ٿر جا مارُو ماڻهو هن مُند ۾ مالڪ کان مِينهن گُهرندا ھُئا، هاڻي خير گُهرن ٿا. اڳي وسڪاري جي رُت ۾ کنوڻ جا تجلا ڏسي ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون موٽي اينديون هُيون، هاڻي کنوڻ جا تجلا ڏسي اکين ۾ اُداسي موٽي اچي ٿي. اڳي آسمان ۾ تتر کرڙي ڏسي خوش ٿيندا هئا ته هاڻي وسڪارو ٿيندو، کُنڀيون، مريڙو ۽ پپون ٿينديون، پر هاڻي آسمان ۾ ڪڪر ڏِسي انهن وسوسن ۾ پئجي وڃن ٿا ته جيڪڏھن ڌملو، ڪملو ۽ والهيءَ، ٻاگهيءَ کي ڪُجهه ٿيو ته ڪيڏانهن ويندا؟ ڪنهن در دانهيندا؟ هڪڙي غير يقينيءَ واري صورتحال مان گُذرندڙ ٿر تي کنوڻ جو ايڏو ته خوف طاري آھي، جو ماڻهو مِينهن ۾ هاڻي گهرن مان ٻاهر به نٿا نڪرن. کنوڻ جي هر زوردار ڌماڪي تي مورن جُون دانهون آسمان جي وسعتن ۾ وڃائجي وڃن ٿيون ۽ ٿرين جُون ڏڪندڙ دليون هٿن ۾ اچي وڃن ٿيون. اکيون لُڙڪن سان لبريز ٿيو وڃن. دل ان درد ۾ ٻُڏي وڃي ته هي ٺڪاءَ محض ٺڪاءَ ناهي، هن ٺڪاءَ پڪ سان ڪنهن پيءُ جي دل پروڻ ڪئي هوندي، هن ٺڪاءَ ڪنهن جيجل جي ڪُک ۾ ڪرپان هنيو هوندو. هن ٺڪاءَ ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ کسيو هوندو. ههڙا ڌماڪا ٻُڌي، ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ هي غير يقينيءَ واري ڪيفيت يقينن ماري وجهندي.

ماحولياتي تبديلين ٿر کي ايترو بدلايو آھي، جو وُٺي جي صبح کيڙيءَ ڪرڻ کان اڳ تعزيتون وصول ڪرڻيون پون ٿيون. وُٺي جي صبح ٻِج کان پهرين ڪفن وٺندڙ ڪنهن بدنصيب ٿريءَ کان پُڇجي ته مينهن ۾ ساھُ مُٺ ۾ ڪيئن هوندو آھي! اُھو ٿر واسيءَ بس اَکيون بند ڪري اهو ئي چوندو ته ههڙي مينهن کان سَت ڏُڪار ئي سُٺا آھن. ماڻهو پِني پيو کائيندو، پر هيئن پنهنجا ڳاڙھا گهوٽ ته ڪونه وڃائيندو! هاڻي جڏھن به مينهن وسندو، اُنهن اڀاڳين مائرن جون اکيون اوس وسنديون، جن جا ٻچڙا وسڪاري جي مُند ۾ وڇڙي ويا آھن. کنوڻ اُنهن کي کوريءَ ۾ ٻرندڙ ٻاٻرن ٽانڊن کان به بُري لڳندي، ڇاڪاڻ ته اُنهن اڱڻن جي گُلستان جا گُل اُن کنوڻ ئي اُجاڙيا آھن. اُھي ڏُکارا خاندان وقت جي هر هوا سهي ويندا، پر مينهوڳيءَ جي هوا اُنهن جو ساھُ سُڪائي ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته ان هوا ۾ ئي اُنهن جا ڏيئا گُل ٿيا آھن. اَنبن جي موسم ۾ انبن کان مِٺن پُٽن جو موت ڪنهن ايٽم بم کان گهٽ قطعي ناهي. وُٺي واڻي مينهن جي مامي جهڙا پُٽ اوچتو اولاڪو ڪري وڃن ته ڀلا فرياد ڪنهن کي ڪجي؟ ڪيڏانهن وڃجي اهڙي دلدوز ڪيفيت ۾؟ ماڻهو پاڻ بچي وڃي، ۽ معصوم ٻچا مري وڃن، ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو ظُلم هوندو؟ وچ کُوھ ۾ ٿر جي ڦانگ نڪري ويئي آھي! چوهئي رڻ ۾ ڀري سانداري ڦاٽي پيئي آھي! ڀرئي تُرئي ميلي ۾ ٿر کان مور وڃائجي ويا آھن، ۽ هن لاءِ چارئي ڏِسائون سريکيون ٿي ويون آھن. ٿر سان هي اهڙو نسورو ناحق ٿيو آھي، جنهن جو ڪو به داد فرياد به ناهي. هي ڪنهن پُورب جنم جي سزا آھي، جيڪا بس ماٺ ۾ ڀوڳڻي آھي ۽ ٿر سُڏڪن ۾ ڀوڳي رهيو آھي.کنوڻ جيڪڏھن اهو ساڳيو هٿ جهليو ته هاڻي ٿر جو ڪوبه سارو سنگهار “ميهُولا وُٺا ڀلا” نه چوندو. نو سؤ نانگيلون ته ماڻهو ساسوئي سگهي ٿو، پر انگورن کان مٺا پُٽ ڪڏھن به نٿو قربان ڪري سگهي. هاڻي چندرما کي “جَل ڪونڏو” ڏسي ٿرين جا جُسا ئي ڪم ڇڏي وڃن ٿا. “اڪان ري پايئي نيٻان ري گوڍي ڀيمسر” چوڻ وارا اٻوجهه ٿاريلا ماروئڙا فقير نه ارٿ راڊ مان سمجهن، نه ڪرنٽ فِلو مان، اُھي ته اَڪ ۽ نِم جي ٽاري چونئرن ۾ هڻي بي کُٽڪا ٿي ويهندا هُئا، پر هاڻي کنوڻ نه اَڪ ٿي ڇڏي، نه نم. وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟

مڃيون ٿا ته ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري دُنيا گلوبل وارمنگ واري خطرناڪ دؤر مان گُذري رهي آھي، جنهن جي ڪري موسمون به بدلجي ويون آھن پر ٿر ۾ جيڪا 2019ع کان تمام وڏي پئماني تي ماحولياتي تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آھي، اُن جو هڪڙو اهم ڪارڻ ڪوئلو به آھي. فطرت سان هٿ چُراند هميشه مهانگي پوندي آھي. فطرت جي بِگاڙ جي انسان کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آھي. اوپن پِٽ ڪوئلو ڪڍڻ ۽ اُن کي ٻاري اُن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪري ٿر جو “ڪلائميٽ” گهڻي قدر “چينج” ٿي ويو آھي. اڳي ائين کنوڻ نه ڪرندي ھُئي، جيئن 2019ع کان هاڃا ڪري رهي آھي. 14 نومبر 2019ع وارو اهو اڀاڳو ڏينهن به ٿر جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويو آھي، جنهن ڏينهن کنوڻ ڪرڻ وارن واقعن ۾ 21 ماڻهو فوت ٿيا هُئا ۽ هزارن جي تعداد ۾ مال مري ويو هو، جنهن جو وقت جي حُڪمرانن ڪوبه ازالو نه ڪيو هو. اُن اڻ مندائتي برسات ۾ ٿر جا ماڻهو ۽ ٿر جو مال بي موت مري ويو، جنهن جو ازالو ته گهوريو پر ڪنهن به حُڪمران ڏُک جو به اظهار نه ڪيو هو. هيل وري وسڪارو اچڻ کان اڳ ئي ٿر جو چمن اُجڙي چُڪو آھي پر حُڪومت ان مسئلي تي اڃا تائين خاموش آھي. ڇهن خاندانن ۾ ماتم برپا آھي پر حُڪمرانن کي ٽڪي جي به پرواھ ناهي. ماحولياتي تبديليءَ جو نتيجو ڀوڳيندڙ ٿر جو هي مسئلو حُڪومت کي جلد کان جلد حل ڪرڻ گُهرجي، ٻي صورت ۾ وڄُ تباهي مچائي ڇڏيندي. هيلوڪي وسڪاري ۾ وڄُ جا اُٿياڳ ئي اهڙا آھن، جو ماڻهن جو ساھ مُٺ ۾ آھي. اهڙي صورتحال ۾ حُڪومت کي گهرجي ته هنگامي بُنيادن تي ٿر جي هر ڳوٺ ۾ ارٿ راڊون/لائٽنگ راڊون لڳائي ڏئي ته جيئن مينهوڳيءَ مُند ۾ ماڻهو مرڻ کان بچي وڃن. کنوڻ جو ٻيو ڪوبه حَل ناهي. هي هڪڙو قدرتي عمل آھي، جنهن جو ٿورو گهڻو حَل اِهي وڄُ جَهٽڻيُون/ لائٽنگ راڊس ئي آھن، جن جي ڪري ڪُجهه بچاءُ ٿي سگهندو. ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حُڪومت جو فرض آھي.