ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ ڊيزرٽ جيپ ريس جو اڄ افتتاح، تياريون مڪمل

0
363
Thar Jeep Rally 2022
ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ ڊيزرٽ جيپ ريس

مٺي (رپورٽر) سنڌ جي راندين واري کاتي پاران مٺي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ 3 ڏينهن واري ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽  ڊيزرٽ چينلينج جيپ ريس مقابلن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن.  ٽي ڏينهن واري پروگرام ۾ ٿر جيپ ريلي لاءِ  78 گاڏين جي ڊرائيورن پاران مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي وئي آھي، جنهن ۾ 4 عورت ڊرائيور پڻ شامل آھن

جڏهن ته ميلي جو افتتاح اڄ صبح 10 وڳي ڊي جي رينجرس پاران مٺي ويجهو رٿيل ميلي واري هنڌ تي ڪيو ويندو، صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، مڪيش چاولا، مير نادر مگسي، ارباب امان الله، خالد سراج سومرو سميت ملڪ جي چئني صوبن مان اهم شخصيتون ۽ مقابلن ۾ حصو وٺندڙ ڊرائيور مٺي پهتل آھن

جن پاران ميلي جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي، هوڏانهن 14 ۽ 15 جي وچ واري رات پڪنڪ پوائنٽ مٺي جي ڳڍي ڀٽ تي محفل موسيقي جو پروگرام رکيو ويو آھي، جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا راڳي سرن جي ورکا ڪندا، جڏهن ته اٺ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ملھه ملاکڙي جا مقابلا پڻ ميلي شامل آھن. ٻئي طرف جيپ ريلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهتل مير نادر مگسي، صوبائي وزير مڪيش چاولا ۽ ٻين ٻڌايو ته اسانجون تياريون مڪمل آھن، سڄي ملڪ مان مقابلن لاءِ ڊرائيور ۽ گاڏيون پهتل آھن. هنن چيو ته 10 سالن کانپوءِ ٿر جيپ ريس ٿي رهي آھي، هن ڀيري اڳ کان وڌيڪ گاڏيون مقابلي ۾ شامل ٿيون آھن

ھي وڊيو بھ ڏسندا