ٿرڪول پائيپ لائين سبب متاثر ڳوٺاڻن جو ڌرڻو ختم

0
299

چيلهار: ٿرڪول پائيپ لائين سبب متاثر  ٿيل ڳوٺاڻن ويجهيار ڊيم جي مک گيٽ آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي

پ پ اڳواڻ ۽ ٺيڪيدار خالد سراج سومرو مظاهرين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته خالد سراج سومرو 2ڏينھن ۾ ڪراچي مان واپس اچي اسان جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آھي

مظاهرين موجب ٿرڪول پائيپ لائين هيٺ آيل زمينن جو معاوضو ڏئي مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن

ٺيڪيدار نواز سومرو چيو هو ته جن جون زمينون هيون تن کي معاوضا ملي چڪا، ڪجهه ماڻهو بليڪ ميل ڪري رهيا آهن

مظاهرين ۽ ٺيڪيدار وچ ۾ منهن ماري به ٿي هئي، هڪٻئي خلاف اُلرون به ڪيون ويون هيون، جنهن بعد مظاهرين ڊيم طرف ويندڙ مک رستي تي ڪيمپ لڳائي جيڪا پوليس ۽ انتظاميه پٽرائي ڇڏي