ٿرڪول مائينز کي ريلوي لائين سان ڳنڍڻ جو منصوبو 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت

0
340
ٿرڪول مائينز کي ريلوي لائين سان ڳنڍڻ جو منصوبو 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: ٿرڪول مائينز کي ريلوي لائين سان ڳنڍڻ وارو منصوبو 23 مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

وفاق ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ٿر ڪول مائينز کي ريلوي لائين سان ڳنڍڻ واري منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ يادداشتنامي تي صحيحون ڪندا

اسلام آباد ۾ اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته ٿر ڪول کي ريلوي لائين سان ڳنڍڻ سان امپورٽيڊ ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلو ڪتب آڻي سگهبو
شهباز شريف چيو ته ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ڪرڻ سان ٻارڻ جي مد ۾ ساليانو 2 ارب ڊالرز بچائي سگهبا
اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٿر جو ڪوئلو ڄامشورو، پورٽ قاسم ۽ ٻين پاور پلانٽس سوڌو مقامي صنعتن کي به ڏئي سگهجي ٿو

ھي به پڙھندا

چيني ڪمپني ٿرڪول بلاڪ ون کي جديد موصلاتي ٽيڪنالاجي فراهم ڪندي: معاهدو ٿي ويو

ٿرڪول جي بجلي جو في يونٽ 13 رپيا آهي، وفاقي سرڪار 24 رپيا ڪري ڇڏيو آهي: امتياز شيخ

ضرورت پئي ته ٿرڪول بلاڪ ون کي بند ڪنداسين:حڪومتي ڪميٽي طرفان ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هٽائڻ کان معذرت