ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت لڳ ڳوٺ ماڻڪاڻي ۾ ڳوٺاڻي غلام فريد خاصخيلي جي ارڙهن جريبن جي ڪڻڪ جي رکيل ديري کي اوچتو باه لڳي وئي جنهن سبب سمورو اناج سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو آهي. باه لڳڻ جي اطلاع تي ڳوٺاڻو بيهوش ٿي ويو جنهن کي مقامي خانگي اسپتال علاج لاءِ آندو ويو.هوڏانهن باه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.