ٿرپارڪر: مذهبي تعصب جو اظهار ڪندڙ شخص خلاف ڪارروائي جو حڪم!!

0
708

ڪراچي/مٺي: مٺي ڀرسان بااثر شخص طرفان واٽهڙو نوجوان سان تعصب جو مظاهرو، تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي، وڊيو ۾ نوجوان سان تعصب جو مظاهرو ڪندڙ شخص جو واسطو رحيم يار خان پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ٿرڪول ۾ ملازم آهي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد اجتماعي شعور جو سخت رد عمل سامھون آيو آھي، جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آھي تھ سنڌ پرامن ڌرتي آھي، ڪنھن کي بھ مذھبي منافرت جي اجازت نھ ڏني ويندي، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، صوبائي وزير ھري رام ڪشوري چيو آھي تھ وڏي وزير مراد علي شاھ ھدايت ڪئي آھي تھ پورھيت تي تشدد ۽ کيس تذليل جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.