ڪنڊيارو (ن پ ا) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪامٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو ۽ سرمد آزاد سميت 7ڄڻن کي ڪنڊيارو پوليس  ٿاڻي تي مبينا حملي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل،  ان ڏس ۾ ايس ايچ او قربان علي ڪلوڙ موجب ته سنڌو نواز گهانگهرو جلوس جي شڪل ۾ ٿاڻي تي پهچي حملو ڪري ڀنڃ ڊاهه ڪئي ۽ هڪ پوليس اهلڪار اي ايس آءِ اعجاز بڙدي کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو ۽ قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿاڻي جا دروازا ٽوڙي اندر داخل ٿي هوڏانهن سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ هيو ته ڪنڊيارو شھر سميت پوري تعلقي ۾ وڌي ويل بدامني خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ ۽ منشيات وڪري خلاف آواز اٿارڻ تي مون سميت پرامن ڪارڪن مٿان بدترين تشدد ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي،  هوڏانهن گرفتار ٿيلن مٿان ڪنڊيارو ٿاڻي اي ايس آءِ  اعجاز علي بڙدي جي فرياد تي اي ٽي سي جي قلمن تحت ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪارن تي حملي، ٿاڻي تي ڀنڃ ڊاھ، پوليس اهلڪارن کي گارگند ڪرڻ ۽ ٻين قلمن تحت احمد علي شاهه عرف سرمند آزاد شاهه ، سنڌو نواز گهانگهرو ، شڪيل گهانگهرو ، امين گهانگهرو ، حمز علي چانڊيو ، پريل گهانگهرو ، رفيق ، نويد ، راڻو کوسو نفيس مڱريو ، عاشق رند ، طارق گهانگهرو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.