ٿاڻوبولاخان (ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان جي ڏورانھين علائقي ريڪ جي  ڳوٺ نبي بخش باريجو اسٽاپ تي ھوٽل تي ستل 58 ورھين جو پيرسن نامعلوم  ماڻھن ھٿان  مبينا طور مٿي ۾ ڌڪ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. پيرسن امين باريجو پٽ الله بخش باريجو  کي مٿي ۾ ڪھاڙين جا ڌڪ لڳل آهن، ٿاڻوبولاخان پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن سان گڏ لاش کڻائي تعلقي اسپتال ٿاڻوبولاخان آندو جتي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪيو جنھن کانپوءِ ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن ڄاڻايو ته ڪنھن لوھي اوزار سان وار ڪري پيرسن جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو ھو، جنھن سبب سندس موت ٿيو قتل ٿيل پيرسن جي ڀاءُ شفع محمد باريجو جو چوڻ آهي ته اسان جي  ڪنھن سان دشمني نه آهي خبر ناھي ڪنھن اسان سان  ظلم ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پوليس چيو ته ھن معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.