ٿاڻوبولاخان ( ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان  ڪوھستان جي علائقي ڪرچات جي ڳوٺ يوسف ڪانڙو ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ڪانڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 4  عورتن سميت ٻنهي ڌُرين جا 16 ڄڻا زخمي زخمين ٿي پيا، جن ۾ هڪ ڌر جا بهرام، گھنور، آچر، ميهار، مظهر ڪانڙو  ۽ ٻي ڌر جا 11 ڄڻا الله بخش، درمحمد، عبدالحڪيم، عبدالله، خدابخش، مراد، دوست علي، مسمات سانول زال مراد ڪانڙو، نازپري زال نظام، راڄي زال درمحمد، سومري زال خدابخش شامل آهن، جن کي علاج لاء تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان منتقل ڪيو ويو، جتان طبعي امداد ڏيڻ بعد هڪ ڌر جي گهنور ، بهرام ، آچر ٻئي ڌر جي درمحمد عبدالحڪيم ، عبدالله ، سانول زال مراد ، نازپري زال نظام ڪانڙو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس طرفان ٻنھي ڌرين جي زخمين کي ليٽر جاري ڪيو ويو جڏھن جهيڙي جو هن وقت تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو آھي  ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هڪٻئي جا مائٽ آهن سئوٽ ، ماسات ۽ ماماوٽ جو رشتو آهي پر اڄ هنن جو زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو آهي.